هر موضوع تي ڳالهائيندڙ اديب ۽ اسان جا جذباتي رويا

March 7, 2007 at 4:11 pm (Uncategorized)

چين جي عظيم ڏاهي ڪنفيوشس پنهنجي لاءِ اها خواهش رکي هئي ته ”آئون اهڙن معاملن ۾ هٿ وجهڻ کان محفوظ رهان، جتي آئون پڄي نٿو سگهان“ ۽ اها خواهش آئون پاڻ لاءِ رکندو آهيان ته اهڙن ڪمن ۾ هٿ نه وجهان، جن جي مون کي ڄاڻ نه آهي يا جيڪي منهنجي پهچ کان ٻاهر آهن. آئون پاڻ به ڏاڍو خيال رکندو آهيان ته انهن موضوعن تي نه لکان يا نه ڳالهايان، جن جي باري ۾ منهنجو علم پورو سارو آهي. جيڪو ماڻهو پنهنجي سگهه ۽ علم کي ذهن ۾ رکي ئي ڪنهن ڪم ۾ هٿ وجهندو ته کيس ناڪاميون ڏسڻيون ڪو نه پونديون ۽ شرمندگيون به سامهون ڪو نه اينديس. اهڙي صلاح آئون پنهنجي اديبن، دانشورن، سڄاڻ ماڻهن کي به ڏيندس ته اهي جيڪر انهن موضوعن تي راءِ ڏيڻ کان ايمانداري سان پاسو ڪن، جن جو ساڻن واسطو نه آهي ته هوند ڪافي مسئلا خوش اسلوبيءَ سان حل ٿي وڃن ۽ عام ماڻهو غلط فهمين ۽ مونجهارن کان بچي پون، پر مسئلو اهو آهي ته اسان وٽ اديبن، ماهرن، دانشورن ۽ گهڻ گهرن جو هڪڙو ئي گروپ آهي، جيڪو توهان کي هر سيمينار، ڪانفرنس ۽ هر مذاڪري ۾ موجود ملندو. پوءِ موضوع معيشت هجي يا فلسفو، بحث سياست تي هجي يا زراعت تي، راءِ ادب تي ڏيڻي هجي يا تعليم تي ساڳيا ئي ماڻهو توهان کي انتهائي اعتماد سان پنهنجا قيمتي گفتا پيش ڪندي نظر ايندا.

اڄ جي هن اسپيشلائيزيشن واري دور ۾ جتي علم جو ڦهلاءُ ايڏو تيزيءَ سان وڌندو پيو وڃي، جو هڪڙي ماڻهو لاءِ هاڻ اهو ممڪن ئي نه رهيو آهي ته ڪنهن به علم جي ڪنهن هڪڙي شاخ جي ڪنهن هڪڙي رخ تي به پوري مهارت رکڻ جي دعويٰ ڪري سگهي، اتي اسان وٽ هڪڙو ئي ماڻهو ڌرتي ۽ آسمان جي وچ ۾ سڀني موضوعن تي پوري سنجيدگيءَ سان ڪلاڪن جا ڪلاڪ ڳالهائڻ لاءِ تيار آهي. انهيءَ جو نتيجو اهو پيو نڪري ته کين ٻڌندڙ ۽ پڙهندڙ عام ماڻهو سندن چيل غلط صحيح ڳالهين کي جيئن جو تيئن قبول ڪيو وٺن ۽ پوءِ معاملن تي سندن موقف به انهيءَ مطابق ٿو بيهي. خاص طور تي انهيءَ سموري لقاءَ جو احساس مون کي تڏهن ٿيو، جڏهن گذريل هفتي 21 فيبروري تي مادري ٻولي جي اهميت جي حوالي سان ملهايل ڏينهن تي ٿيل مذاڪرن ۽ سيمينارن ۾ شريڪ مقررن جي خيالن کي اخبار ۾ پڙهيو. موضوع سان غير وابستگي، دليلن ۽ منطق کان عاري ۽ مامرن ڏانهن جذباتي رويي سبب اهڙيون ڳالهيون ڪيون ويون، جن جي وضاحت به ضروري آهي ته انهن روين جي ڇنڊڇاڻ به ٿيڻ گهرجي، جيڪي ٻولي جي باري ۾ اسين رکون ٿا. مثال طور ڪاوش جي پاران ڪرايل مذاڪري ۾ اسان جي نوجوان دوست زبير سومري اها دعويٰ ڪئي ته ”يونيڪوڊ ۾ پنجويهه ٻوليون آهن، جن ۾ سنڌي ته شامل آهي، پر اردو نه آهي.“ حقيقت اها آهي ته يونيڪوڊ جو مقصد وڌ ۾ وڌ ٻولين جي لکت ۽ نشانين کي صحيح طريقي سان ڪمپيوٽر تي ظاهر ڪرڻ آهي. يونيڪوڊ جو تعلق لپي (Script) سان هوندو آهي نه ڪي ٻولين سان. هيستائين يونيڪوڊ ۾ پنجاهه کان وڌيڪ لپيون اچي چڪيون آهن ۽ انهن لپين ذريعي ٻه سئو کان وڌيڪ ٻوليون ڪمپيوٽر تي استعمال ڪري سگهجن ٿيون. انهن 200 ٻولين ۾ سنڌي به آهي ته اردو به. پر جيڪڏهن اسان ڪمپيوٽر ۽ انٽرنيٽ تي استعمال جي حوالي سان ٻولين جي ڀيٽ ڪنداسين ته اردو ٻولي ۾ سنڌي کان وڌيڪ ڪم ٿيل آهي. اردو ۾ موجود سافٽ ويئر ۽ ويب سائيٽن جو تعداد به سنڌي کان نه فقط گهڻو آهي، پر اهو معيار ۾ به وڌيڪ آهي. هن وقت مائيڪرو سافٽ آفيس جو انٽر فيس به اردو ۾ آهي. يعني جنهن کي انگريزي نٿي اچي سو به اردو ۾ ڏيکاريل هدايتن ذريعي مائيڪرو سافٽ ورڊ ۽ ٻين سافٽ ويئرن ۾ پنهنجو ڪم ڪري ويندو. جيڪا سهولت سنڌي ۾ موجود نه آهي.

 

Advertisements

Permalink 2 Comments

پيار کي هڪ ڏينهن تائين محدود نه ڪريو

February 20, 2007 at 2:56 pm (Uncategorized)

رشتن ۽ احساسن کي وقت جي ٺاهيل خانن ۾ ورهائي جيئڻ پاڻ سکيو نه آهي. هيءَ گهڙي ماءُ لاءِ، هيءَ گهڙي دوست لاءِ، هيءُ ڏينهن نفرت لاءِ، ۽ هيءُ ڏينهن محبت لاءِ. رشتن ۽ جذبن جا اهي ليکا چوکا ڪرڻ جا پاڻ قائل نه آهيون. زندگيءَ جا اهڙا ورهاڱا ٿي به ڪيئن ٿا سگهن؟ زندگيءَ کي ٽوٽا ٽوٽا ڪري ڪيئن ٿو جي سگهجي؟ زندگيءَ جو مزو ته مڪمل طور تي ئي جيئڻ سان ماڻي سگهجي ٿو، جنهن ۾ هر پل اسان سان وابسته هجي هر ماڻهو لاءِ ۽ ڪائنات جا سڀ احساس انهي هڪڙي پل ۾ سمويل هجن. مون کي ته ڪوفت ٿيندي آهي جڏهن اهڙي قسم جا ڏهاڙا ملهائبا آهن. پيءُ جو ڏهاڙو، ماءُ جو ڏهاڙو، ٻارن جو ڏهاڙو، دوستيءَ جو ڏهاڙو، عورتن جو ڏهاڙو…اهڙا ڏهاڙا مغرب ۾ ملهائجن ته سمجهه ۾ اچن ٿا، ڇو ته اتي زندگي ايڏي مصروف آهي، جو پنهنجي ڪم ۽ پنهنجو پاڻ کي وقت ڏيڻ کانپوءِ باقي ٻين رشتن کي ڏيڻ لاءِ زندگيءَ جي کيسي ۾ وقت جا سڪا باقي نٿا بچن. انهيءَ ڪري شايد سڄي سال ۾ ماءُ لاءِ ڪو هڪڙو ڏينهن ڪڍڻو پوندو آهي ۽ ڪو هڪڙو ڏينهن دوست لاءِ ۽ وري هڪڙو ڏينهن ٻارن لاءِ، پر اسان وٽ وقت جي اهڙي ورڇ جو اڃا موقعو نه آيو آهي. اسان وٽ پنهنجي لاءِ وقت رکڻ انتهائي معيوب سمجهيو ٿو وڃي ۽ سمورو وقت دوستن ۽ رشتن جي نالي ٿيل آهي. اتي اهڙا ڏهاڙا ملهائڻ جو ڪو به مقصد نٿو رهي ۽ بلڪل اهڙي طرح سڄي سال مان هڪڙي ڏينهن کي محبت جي ڏينهن ملهائڻ جي به ڪا معنيٰ نه آهي. 14 فيبروري ئي محبت جو ڏينهن ڇو؟ اونهاري جي آرهڙ جو ڏينهن محبت جو ڏينهن ڇو نٿو ٿي سگهي؟ سانوڻي جو پهريون وسڪارو محبت جو ڇو نه آهي؟ سياري جي ولهه جون راتيون محبت جون ڇو نه ٿيون ٿي سگهن؟ لطيف جي وصال جو ڏينهن ۽ اياز جو جنم ڏينهن محبت جا ڏينهن ڪري ملهائڻ ۾ ڪهڙي قباحت آهي؟ سڀ ڏينهن محبت جا ڏينهن آهن، سڀ موسمون چاهت جون آهن، هر پل، هر گهڙي عشق لاءِ مختص ڪري سگهجي ٿي. بلڪه بلي شاهه وانگر ته ”ڏينهن اهو جو يار پسون باقي جمع، ڇنڇر ۽ آچر ڇا“ محبت جهڙي وسيع احساس کي چوويهه ڪلاڪن جي پتڪڙي عرصي ۾ قيد ڪرڻ ته بي واجبي آهي، محبت لاءِ ته صديون به ٿوريون آهن، محبت لاءِ هن ڪائنات جي سموري عمر به ٿوري آهي، محبت لاءِ هڪڙو ڏينهن رکڻ ته محبت جي توهين آهي.
اڄ جڏهن فيبروري جي هن ڏينهن کي دنيا ڀلي محبت جي عالمي ڏينهن طور ملهائي. دنيا جا سڀ عاشق پنهنجي محبوب کي پنهنجين محبتن جي اقرار لاءِ گلن، چاڪليٽن، ڪارڊن، پرفيومن جا تحفا ڏين. اڄ جي ڏينهن جو رنگ ڀلي محبوب جي ڳل تان اڌارو ورتل سرخي جو ڏينهن هجي، اڄ ڀلي سڄي دنيا ۾ محبتن جا ترانا وڄندا هجن، پر مون کي الائي ڇو اهو احساس ٿو ٿئي ته ڄڻ اڄ جي ڏينهن جو محبت سان ڪو به واسطو نه هجي. محبت ته تخليقي اظهار کي جنم ڏيڻ واري قوت آهي، پر اڄ جي ڏينهن محبت جا اهي ڳٺل پيٺل اظهار جا طريقا ورجايا ويندا آهن. ساڳئي قسم جا ڪارڊ، ساڳئي دل جي شڪل جا چاڪليٽ، ساڳئي گلابي رنگ جي ڀرمار، اظهار لاءِ ساڳيا جملا، چوڻ لاءِ اهي ئي ڳاليهون. اڄ جي ڏينهن محبت کان تخليق جا سڀ لفظ، سڀ رنگ، سڀ صورتون کسي ورتيون آهن. بلڪه ايئن پيو لڳي ته محبت هڪڙي معصومانه فطري ۽ شفاف احساس جي بدران هڪ مصنوئي ۽ ملاوتي عمل هجي. محبت جو پهريون شرط بي ساختگي هوندو آهي. نه انهيءَ لاءِ نه ڪي اڳواٽ سوچبو آهي، ۽ نه ئي وري اظهار جي ڪا اڳواٽ منصوبابندي ڪبي آهي. اڄ جي ڏينهن محبت کان اها بي ساختگي کسي انهيءَ کي هڪ بي معنيٰ روايت بنائي ڇڏيو آهي. اسڪول جي اسيمبليءَ ۾ روز ٿيندڙ پي ٽي جهڙو عمل.

Permalink Leave a Comment

انور پيرزادي جو وڇوڙو

January 8, 2007 at 4:08 pm (Uncategorized)

20070108025949anwar_pirzada203.jpg

سائين انور پيرزادو سان منهنجو واسطو سنڌ ٽربيون ۾ نوڪري دوران ٿيو. هو انتهائي مهربان انسان هو جنهن سان گھاريل پل منهنجي زندگي جي گذاريل بهترين وقتن مان آهن. ۽ اڄ اهي پل به نڌڻڪا ٿي ويا.  انور صاحب گذاري ويو. ويندڙ مانهو کان وڌيڪ اسان کي پنهنجي زندگي   ۾ ٿيندڙ خال تي ٿا افسوس ڪريون جيڪو انهن ماڻهن جي وڃڻ سان ٿو پيدا ٿئي جن سان تعلق اسان جي زندگي ۾ ڀراءَ ٿيو.  

Permalink Leave a Comment

نئين سال جون واڌايون

December 31, 2006 at 7:50 pm (Uncategorized)

newyear01.jpg

هڪ پراڻي سال جو موت. هڪ نئين سال جو جنم. واقعي به ڇا پراڻي سال جا سڀ عذاب ختم ٿيا؟ واقعي به نئون سال ڪي نيون خوشيون کڻي ايندو؟ زندگي جي عملن جي اڳيان وقت جي تبديلي ڪيڏي نه بي معني آهي. پر زندگي جي ڪڙاڻ ۾ اميد جي مٺاڻ جو ذرو ئي سهي. رسمن ئي سهي اچو ته اها آس رکون ته هر اندڙ وقت جي هڙ مان خوشي جو ڪي ڀور اسان لاءِ به هوندو. انهي اميد سان توهان سڀني کي نئين سال جون واڌايون.

Permalink Leave a Comment

هڪ دوست جو موت

December 29, 2006 at 3:34 pm (Uncategorized)

 

منهنجو دوست فهيم اڄ گذاري ويو. عمر جي هن حصي ۾ ڪنهن ايڏي ويجھي دوست جي موت جي خبر ٻڌڻ لاءِ ماڻهو تيار نه هوندو آهي. اسان ته زندگي جي شروعات ئي هاڻي پيا ڪريون. اڃان هاڻ ته زندگي کي هٿن ۾ ٽٽولي ۾ محسوس ڪيو آهي. هاڻ ته اڃان زندگي اسان کي ڪنهن صورت ۾ نظر آئي آهي. ۽ هيئنر ئي موت اسان سان وابسته ماڻهن جي در مان نڪري رهيو آهي!.

35 سالن جي منهنجي زندگي ۾ 25 سال منهنجي فهيم سان رفاقت رهي. ڪيڏو وڏو حصو آهي اهو! 25 سال. انهن سالن ۾ ڪي اهڙا به ڏينهن هوندا جي اسان 24 مان 18 ڪلاڪ گڏ هئاسين. تاش کيڏڻ، سگريٽ پيئڻ، هڪ ٻئي تي چرچا هڻڻ، گلائون ڪرڻ……….زندگي جي هڪ وڏو حصو آهي جيڪو هن جي يادن سان وابسته آهي. ۽ اڄ اهو حصو وقت جي مٺ مان واري وانگي نڪري پيو. منهنجي ذات جو هڪ حصو مري ويو.

 


Permalink 4 Comments

شيخ اياز

December 27, 2006 at 8:41 pm (Uncategorized)

اياز

 

 


 


*******

هي آڌيءَ آيل سپنا ها، جي جاڳَ ـ جَلايل سپنا ها،
ڇا رِم جھِم رِم جھِم رُوپ هُيا! ڇا برکا رُت جي رات هُئي

جي دل جا داوَ سُڃاڻين ها، تُون ڄاڻين ها، تُون ڄاڻين ها!
جا مات هئي سا جِيت هئي، جا جيت هُئي سا ماتِ هئي

*******

 

 

 

وَسندو رهندو آهي تو وٽ، سانَوَڻ ساري رات،
ڳوڙها ڳوڙها نيڻ نماڻا! ڪنهن کي ڳولين ٿو؟

 

 

 

ڪوبه نه ايندو ، ڪوبه نه ايندو، ڪوبه نه تُنهنجي دُوار!
بند ڪري ڇڏ هي دروازا، ڪنهن کي ڳولين ٿو؟

 

*******

 

قــدم قــدم تــي هـجـومِ زنـــدان ، نــظـر نظر ۾ شراب خانا
ڪـــري ويــو ڪــير بــارشِ مَيءِ ، خمار آلود ٿيا زمانا

 

شعورِ هستي جتي ڪٿي آ ، شعارِ هستي ڪٿي ڪٿي آ
پيئو پـيـئاريــو ، جـيــئو جيـئـاريـو ، مـــــگر به اندازِ عارفانا

 

*******

 

اک ســاري رات نـــه جھــپـڪي آ ، ۽ شبنم شبنم ٽَپڪــي آ،
جي باک گُهري ٿي بُک ، ته اي زنــدان ! هــــزاريـــن مـــان نـــه رڳــــو

 

ٿـــو ســــاري ڪـــو بــه نــه سُــــڃ ـــــ مُـئا، هُو رُڃ ــــــ مُئا جي اُڃ ــ مُئا
ڇا پاپِي پَـر کــي پُــڃ ــــــــ مُــئــا ، ارمــــان هـــزاريــن مــان نــه رڳـــو .

 

ڇو چنڊ اسان کي رات ٺري ، ڏي چــانـــڊوڪــيءَ جــــو زهـــر ڀَــــري؟
آ ڪـــيڏو پـــويــــون پَـــهر پـــري ! حــيــران هـــزاريــن مــــان نــه رڳـــو

 

*******

طوفانن ۾ ڪُڏندي ڪشتي،
ساحل کي حيران ڪَري وئي


درد وڌايا ڇا ڇا رشتا!
دل دل جو درمان ڪري وئي

******

 

 

شاعري جي چونڊ آفتاب ۽ اشفاق ٽالپر جي مهربانين سان

Permalink 8 Comments

هڪ نئين صبح جي شروعات

December 27, 2006 at 8:31 am (Uncategorized)

سنڌي ۾ بلاگ لکڻ جي هڪ نئين روايت جي آغاز ڪجي ٿو. هن بلاگ ۾ منهنجي ڪوشش اها هوندي ته پنهنجي ۽ پڙهندڙن جي دلچسپي وارن ڪتابن، ڪهاڻين ۽ ڪردارن جي باري ۾ لکان. توهان کي وقت به وقت پڙهڻ لاءِ دلچسپ مواد ملندو

 

Permalink 8 Comments