پيار کي هڪ ڏينهن تائين محدود نه ڪريو
رشتن ۽ احساسن کي وقت جي ٺاهيل خانن ۾ ورهائي جيئڻ پاڻ سکيو نه آهي. هيءَ گهڙي ماءُ لاءِ، هيءَ گهڙي دوست لاءِ، هيءُ ڏينهن نفرت لاءِ، ۽ هيءُ ڏينهن محبت لاءِ. رشتن ۽ جذبن جا اهي ليکا چوکا ڪرڻ جا پاڻ قائل نه آهيون. زندگيءَ جا اهڙا ورهاڱا ٿي به ڪيئن ٿا سگهن؟ زندگيءَ کي ٽوٽا ٽوٽا ڪري ڪيئن ٿو جي سگهجي؟ زندگيءَ جو مزو ته مڪمل طور تي ئي جيئڻ سان ماڻي سگهجي ٿو، جنهن ۾ هر پل اسان سان وابسته هجي هر ماڻهو لاءِ ۽ ڪائنات جا سڀ احساس انهي هڪڙي پل ۾ سمويل هجن. مون کي ته ڪوفت ٿيندي آهي جڏهن اهڙي قسم جا ڏهاڙا ملهائبا آهن. پيءُ جو ڏهاڙو، ماءُ جو ڏهاڙو، ٻارن جو ڏهاڙو، دوستيءَ جو ڏهاڙو، عورتن جو ڏهاڙو…اهڙا ڏهاڙا مغرب ۾ ملهائجن ته سمجهه ۾ اچن ٿا، ڇو ته اتي زندگي ايڏي مصروف آهي، جو پنهنجي ڪم ۽ پنهنجو پاڻ کي وقت ڏيڻ کانپوءِ باقي ٻين رشتن کي ڏيڻ لاءِ زندگيءَ جي کيسي ۾ وقت جا سڪا باقي نٿا بچن. انهيءَ ڪري شايد سڄي سال ۾ ماءُ لاءِ ڪو هڪڙو ڏينهن ڪڍڻو پوندو آهي ۽ ڪو هڪڙو ڏينهن دوست لاءِ ۽ وري هڪڙو ڏينهن ٻارن لاءِ، پر اسان وٽ وقت جي اهڙي ورڇ جو اڃا موقعو نه آيو آهي. اسان وٽ پنهنجي لاءِ وقت رکڻ انتهائي معيوب سمجهيو ٿو وڃي ۽ سمورو وقت دوستن ۽ رشتن جي نالي ٿيل آهي. اتي اهڙا ڏهاڙا ملهائڻ جو ڪو به مقصد نٿو رهي ۽ بلڪل اهڙي طرح سڄي سال مان هڪڙي ڏينهن کي محبت جي ڏينهن ملهائڻ جي به ڪا معنيٰ نه آهي. 14 فيبروري ئي محبت جو ڏينهن ڇو؟ اونهاري جي آرهڙ جو ڏينهن محبت جو ڏينهن ڇو نٿو ٿي سگهي؟ سانوڻي جو پهريون وسڪارو محبت جو ڇو نه آهي؟ سياري جي ولهه جون راتيون محبت جون ڇو نه ٿيون ٿي سگهن؟ لطيف جي وصال جو ڏينهن ۽ اياز جو جنم ڏينهن محبت جا ڏينهن ڪري ملهائڻ ۾ ڪهڙي قباحت آهي؟ سڀ ڏينهن محبت جا ڏينهن آهن، سڀ موسمون چاهت جون آهن، هر پل، هر گهڙي عشق لاءِ مختص ڪري سگهجي ٿي. بلڪه بلي شاهه وانگر ته ”ڏينهن اهو جو يار پسون باقي جمع، ڇنڇر ۽ آچر ڇا“ محبت جهڙي وسيع احساس کي چوويهه ڪلاڪن جي پتڪڙي عرصي ۾ قيد ڪرڻ ته بي واجبي آهي، محبت لاءِ ته صديون به ٿوريون آهن، محبت لاءِ هن ڪائنات جي سموري عمر به ٿوري آهي، محبت لاءِ هڪڙو ڏينهن رکڻ ته محبت جي توهين آهي.
اڄ جڏهن فيبروري جي هن ڏينهن کي دنيا ڀلي محبت جي عالمي ڏينهن طور ملهائي. دنيا جا سڀ عاشق پنهنجي محبوب کي پنهنجين محبتن جي اقرار لاءِ گلن، چاڪليٽن، ڪارڊن، پرفيومن جا تحفا ڏين. اڄ جي ڏينهن جو رنگ ڀلي محبوب جي ڳل تان اڌارو ورتل سرخي جو ڏينهن هجي، اڄ ڀلي سڄي دنيا ۾ محبتن جا ترانا وڄندا هجن، پر مون کي الائي ڇو اهو احساس ٿو ٿئي ته ڄڻ اڄ جي ڏينهن جو محبت سان ڪو به واسطو نه هجي. محبت ته تخليقي اظهار کي جنم ڏيڻ واري قوت آهي، پر اڄ جي ڏينهن محبت جا اهي ڳٺل پيٺل اظهار جا طريقا ورجايا ويندا آهن. ساڳئي قسم جا ڪارڊ، ساڳئي دل جي شڪل جا چاڪليٽ، ساڳئي گلابي رنگ جي ڀرمار، اظهار لاءِ ساڳيا جملا، چوڻ لاءِ اهي ئي ڳاليهون. اڄ جي ڏينهن محبت کان تخليق جا سڀ لفظ، سڀ رنگ، سڀ صورتون کسي ورتيون آهن. بلڪه ايئن پيو لڳي ته محبت هڪڙي معصومانه فطري ۽ شفاف احساس جي بدران هڪ مصنوئي ۽ ملاوتي عمل هجي. محبت جو پهريون شرط بي ساختگي هوندو آهي. نه انهيءَ لاءِ نه ڪي اڳواٽ سوچبو آهي، ۽ نه ئي وري اظهار جي ڪا اڳواٽ منصوبابندي ڪبي آهي. اڄ جي ڏينهن محبت کان اها بي ساختگي کسي انهيءَ کي هڪ بي معنيٰ روايت بنائي ڇڏيو آهي. اسڪول جي اسيمبليءَ ۾ روز ٿيندڙ پي ٽي جهڙو عمل.