شيخ اياز

December 27, 2006 at 8:41 pm (Uncategorized)

اياز

 

 


 


*******

هي آڌيءَ آيل سپنا ها، جي جاڳَ ـ جَلايل سپنا ها،
ڇا رِم جھِم رِم جھِم رُوپ هُيا! ڇا برکا رُت جي رات هُئي

جي دل جا داوَ سُڃاڻين ها، تُون ڄاڻين ها، تُون ڄاڻين ها!
جا مات هئي سا جِيت هئي، جا جيت هُئي سا ماتِ هئي

*******

 

 

 

وَسندو رهندو آهي تو وٽ، سانَوَڻ ساري رات،
ڳوڙها ڳوڙها نيڻ نماڻا! ڪنهن کي ڳولين ٿو؟

 

 

 

ڪوبه نه ايندو ، ڪوبه نه ايندو، ڪوبه نه تُنهنجي دُوار!
بند ڪري ڇڏ هي دروازا، ڪنهن کي ڳولين ٿو؟

 

*******

 

قــدم قــدم تــي هـجـومِ زنـــدان ، نــظـر نظر ۾ شراب خانا
ڪـــري ويــو ڪــير بــارشِ مَيءِ ، خمار آلود ٿيا زمانا

 

شعورِ هستي جتي ڪٿي آ ، شعارِ هستي ڪٿي ڪٿي آ
پيئو پـيـئاريــو ، جـيــئو جيـئـاريـو ، مـــــگر به اندازِ عارفانا

 

*******

 

اک ســاري رات نـــه جھــپـڪي آ ، ۽ شبنم شبنم ٽَپڪــي آ،
جي باک گُهري ٿي بُک ، ته اي زنــدان ! هــــزاريـــن مـــان نـــه رڳــــو

 

ٿـــو ســــاري ڪـــو بــه نــه سُــــڃ ـــــ مُـئا، هُو رُڃ ــــــ مُئا جي اُڃ ــ مُئا
ڇا پاپِي پَـر کــي پُــڃ ــــــــ مُــئــا ، ارمــــان هـــزاريــن مــان نــه رڳـــو .

 

ڇو چنڊ اسان کي رات ٺري ، ڏي چــانـــڊوڪــيءَ جــــو زهـــر ڀَــــري؟
آ ڪـــيڏو پـــويــــون پَـــهر پـــري ! حــيــران هـــزاريــن مــــان نــه رڳـــو

 

*******

طوفانن ۾ ڪُڏندي ڪشتي،
ساحل کي حيران ڪَري وئي


درد وڌايا ڇا ڇا رشتا!
دل دل جو درمان ڪري وئي

******

 

 

شاعري جي چونڊ آفتاب ۽ اشفاق ٽالپر جي مهربانين سان

8 Comments

  1. habib sanai said,

    اياز جي شاعري ۽ فڪر کي ڦهلائڻ جي ضرورت آهي. اوهان جو قدم ساراهه جوھو آهي.

  2. habib sanai said,

    http://www.voiceofsindh.net سائيت تي نئون مواد اياز صاحب متعلق موجود آهي.

  3. drfarrukhhmalik said,

    ڏاڍي سٺي ڪوشش آهي

  4. Altaf Shaikh said,

    Very nice indeed. I and my other friends living abroad are happy to know about your blog. wish you good luck, Manoj.
    with best wishes
    altaf shaikh; Marine Engineer/ Travelogue Writer
    altafshaikh2005@gmail.com

  5. عامر said,

    تمام سٺو بلاگ آهي. مان اوهان جو بلاگ وزٽ ڪندو رهندس ۽ اميد ته ايئن ئي سٺيون شيون پڙهڻ لاءِ ملنديون.

  6. Gordhan said,

    شيخ اياز جي شاعري سليڪشن ڏاڍي سٺي آهي. وڌيڪ اپلوڊ ڪريو. منهنجو بلاگ http://sindhiwriting.wordpress.com

  7. Mahboob Pathan said,

    It is really a nice blog. Would you be interested If I can send you some of my poetry. Please let me know.
    Nasif Ali Sheraz.
    e-mail address: mmpathan@aol.com

  8. jamil said,

    شيخ اياز جي شاعري سليڪشن ڏاڍي سٺي آهي.

Leave a Reply

Fill in your details below or click an icon to log in:

WordPress.com Logo

You are commenting using your WordPress.com account. Log Out / Change )

Twitter picture

You are commenting using your Twitter account. Log Out / Change )

Facebook photo

You are commenting using your Facebook account. Log Out / Change )

Connecting to %s

Follow

Get every new post delivered to your Inbox.